DR ALLAHDAD {ASIM}BOHYO

محقق، نقاد ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

رضوان گل

محقق، نقاد ۽ تعليمدان

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

تحقيق ۽ تنقيد ادب جا ٻه انتهائي اهم شعبا آهن، جن کان سواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب اڌورو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان جڏهن سنڌي ادب جو ذڪر ڪبو ته انهن ٻنهي اهم شعبن ۾ خاطر خواه ۽ ذاتيات کان مٿاهون ٿي ڪم ڪرڻ جي اڃا به تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. تحقيق ۽ تنقيد وارن شعبن ۾ سنڌي ادب ۾ جن اديبن قابلِ ذڪر ڪم ڪيو آهي، تن ۾ گهڻ پڙهيي ۽ گهڻ رُخي ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي.
ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو 8 آگسٽ 1934 تي ڳوٺ گهوگهاري، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ، ابتدائي انگريزي تعليم وڳڻ ۽ مئٽرڪ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1953 ۾ ڪيائين. 1957 ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي ۽ ايم اي (انگريزي ادب) ۾ 1966 ۾ پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سربراهيءَ هيٺ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ لکي 1977 ۾ مڪمل ڪيائين. جيتوڻيڪ ٻوهيي صاحب کي هڪ سٺي ليکڪ طور اڳ به سڃاڻپ هئي پر سندس پي ايڇ ڊي واري مقالي کيس سنڌي ادب ۾ هڪ دانشور ۽ محقق واري نئين سڃاڻپ ڏني. سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز 1978 ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپائي وئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٻوهيي ادب ۾ پهريون پير بحيثيت شاعر رکيو هو ۽ سندس تخلص ”عاصم“ هو، پر اڳتي هلي سندس سڃاڻپ جو حوالو ٻولي، تحقيق ۽ تنقيد بڻيو. ڊاڪٽر صاحب سائنسي بنيادن ۽ نوَن اصولن کي متعارف ڪرائي تحقيق جي علم کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو. سندس مزاج پاڻ پڏائڻ بجاءِ خاموشيءَ سان پنهنجي مُنهن ڪم ڪرڻ وارو هو. هن ڪڏهن به ڪي وڏيون دعوائون نه ڪيون پر سندس ڪيل تحقيقي پورهيو ڪيترن ئي نام نهاد اديبن جي ڪم کان اڄ به مٿاهون آهي.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پهرين آگسٽ 1958 ۾ انگريزي استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. 1967 ۾ ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول جو پرنسيپل ۽ پوءِ گريڊ سترهين ۾ ريجنل ايڊيوڪيشن سينٽر خيرپور ۾ چيف انسٽريڪٽر مقرر ٿيو. جنهن بعد 1979 ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس ميرپور خاص ڊويزن مقرر ٿيو، جتي آخري عمر تائين فرائض انجام ڏنائين. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ڪيترائي ڪارائتا ڪتاب لکيا جن ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، ”تنقيدون“، ”ڇند وِديا“، ”آئين“ (تاريخ ۽ پبلڪ پاليسي)، ”علم تحقيق“ ،”ادب جا فڪري محرڪ“، ”دي ٽيلس ري ٽولڊ“ (انگريزي)، ”ڪتب خانو“ ، ”سماجي تبديليءَ جي رٿابندي“، ”سنئون سڌو رستو“(ناول)، ”ٻولي ۽ ٻوليءَ جي تعليم“، ”چونڊي ڪڻو ڪڻو“ (شاعري)، ”تحريرون“ (مضمون)، ”ارسطوءَ کان روسو تائين“، ”تعليم اور معاشرتي تقاضي“ (اردو) شامل آهن.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي سماجي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان ويچاري انهن جي حل لاءِ پُر مغز مقالا لکيا. سياست، تاريخ ۽ تعليمي مسئلا سندس مَن پسند موضوع هئا، جن تي پاڻ ڪيترائي مضمون، مقالا لکيائين ۽ ليڪچر ڏنائين. هن جي گفتگو مدلل ۽ معلومات سان ڀرپور هجڻ کان علاوه انهيءَ حوالي سان به دلچسپ هوندي هئي جو سندس ڳالهائڻ جو انداز وڻندڙ هو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي موضوع تي هن تمام گھڻي محنت ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو. کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تمام گھڻو اونو هو، جنهن سبب مختلف شهرن ۾ ”تعليمي تباهيءَ جا ڪارڻ“ جي عنوان تحت سيمينار ۽ گڏجاڻيون به منعقد ڪرايائين. هن تعليمي ڪامورن جيان روايتي انداز اپنائڻ بجاءِ عملي طرح اهڙا ڪم ڪيا جن سان تعليمي ادارن ۾ بهتر تبديلين جي شروعات ٿي.
ڊاڪٽر ٻوهيي ادب جي مختلف صنفن تي جديد ۽ سائنسي انداز ۾ ڪيترائي اهڙا تحقيقي مقالا لکيا جن سمورن کي جيڪڏهن گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو وڃي ته سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ اهو ڪتاب پڻ انتهائي ڪارائتو ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڪتاب ”علم تحقيق“ پڻ سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ بنيادي ۽ اهم ڄاڻ جي کاڻ آهي، جيڪو ٻوهيي صاحب جي قلم جي ئي ڪاوش آهي. هن شخص پنهنجي منهن جيڪو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو سو يقيناً ڪنهن اداري جهڙي ڪم کان گهٽ نه هو. پاڻ صحت متاثر ٿيڻ باوجود به مسلسل علم و ادب جي واڌاري ۽ سنڌي سماج ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ لکندو رهيو ۽ آخر تائين ان مورچي تان جدوجهد ڪندو رهيو.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هي گهڻ گُهرو اديب، محقق، نقاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، مقرر ۽ استاد 16 جولاءِ 1994 تي ٽنڊو آدم ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو.